قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊيول جاري

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
شيڊيول موجب، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوار اڄ ( خميس ) منجهند ٻارنهن وڳي تائين قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا جنهن کانپوءِ ٽين وڳي تائين ڪاغذن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
عام طور تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي قسم کڻڻ جي ٻئي ڏينهن اسپيڪر جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي پر هن دفعي ائين ناهي ٿي رهيو ۽ حلف برداري واري ڏينهن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پيا وڃن.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پهرين مارچ تي ٿيندي، اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق حڪمران اتحاد جو گڏيل اميدوار آهي جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل طرفان عامر ڊوگر کي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
نئين چونڊيل اسپيڪر جي قسم کڻڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي جنهن لاءِ حڪمران اتحاد طرفان پ پ جو غلام مصطفيٰ شاهه جڏهن ته سني اتحاد طرفان جنيد خان کي نامزد ڪيو ويو آهي.
اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسيپڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي، اِهو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي، وزيراعطم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تي جمع ڪرايا ويندا جڏهن ته وزيراعظم جي چونڊ چار مارچ تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔