بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ نگران وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿي ويو، نگران وزيراعظم اٽارني جنرل سان گڏ عدالت پهتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

نگران وزيراعظم عدالت آڏو ڳالهائيندي چيو ته مون کي بلوچستان جي حالتن جي وڌيڪ خبر آهي، بلوچستان ۾ هٿياربند مزاحمت ٿي رهي آهي، ان جو جواب اٽارني جنرل، درخواست گذار يا ڪنهن ٻئي وٽ نه آهي

 جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا قانون کان مٿاهان ناهن، وزيراعظم، وزير، سيڪريٽريز ۽ عدالتون به جوابده آهن، جنهن جي خلاف به ڪو ڪيس آهي ته قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪيو، جبري گمشدگين جو معاملو اچي ٿو ته صورتحال بدلجي وڃي ٿي، پاڪستان تي بطور رياست به الزام لڳن ٿا

نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن ماڻهن کي بسن مان لاهي باهه ڏئي به ماريو آهي، گڏيل قومن جو به هڪ طريقو آهي هو پڇن ٿا ڪير گم ٿيو آهي، هو پڇن ٿا توهان جسٽس محسن اختر ڪياني آهيو توهان گم ٿي ويا آهيو

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا مون کي جبري طور گم ٿيڻو آهي؟ نگران وزيراعظم چيو ته مان مثال پيو ڏيان مان انوار جو نالو ٿو کڻان، اسان چئون ٿا ته لسانيت جي بنياد تي شاگردن جي پروفائيلنگ نه ڪيو

اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گم ٿيل 4 بلوچ شاگردن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، اسان جي معلومات مطابق 2 گم ٿيل بلوچ شاگرد افغانستان ۾ موجود آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔