ڪمزور مينڊيٽ واري حڪومت کي نئون آءِ ايم ايف معاهدو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي:موڊيز

واشنگٽن:عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي تازي جائزي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن کانپوءِ قائم ٿيل اتحادي حڪومت جو مينڊيٽ ايترو مضبوط نه هوندو جو آءِ ايم ايف سان نئين معاهدي لاءِ مشڪل سڌارا آڻي سگهي.موڊيز پنهنجي جائزي ۾ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان نئون قرض نه  ورتو ويو ته پاڪستان جا مسئلا حل نه ٿيندا.پاڪستان کي جون ۾ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ 6 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن. انهن مان هڪ وڏي ادائيگي اپريل ۾ متوقع آهي جڏهن پاڪستان جا ڊالر ميچوئر ٿيندا ۽ سيڙپڪارن کي هڪ وڏي رقم ادا ڪئي ويندي.پاڪستان جو هاڻوڪو آءِ ايم ايف پروگرام، جيڪو ٽن ارب ڊالرن جو اسٽينڊ بائي انتظام آهي، اپريل ۾ ئي ختم ٿي رهيو آهي. پاڪستان کي ان جي آخري قسط ۾ 1.2 بلين ڊالر ملڻ جي اميد آهي.موڊيز پنهنجي جائزي ۾ چيو ته جون 2024 تائين پاڪستان پنهنجي پرڏيهي ادائگين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل هوندو پر ان کان پوءِ وڏي پرڏيهي مالياتي فنانسنگ جو ڪو امڪان ناهي. موڊيز موجب، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ٻين ڀائيوارن کان نوان قرض حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿي ته ڊفالٽ جا خطرا وڌي ويندا. سماجي دٻاءُ ۽ گورننس ۾ ڪمزورين سبب به آءِ ايم ايف جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ چئلينج وڌي سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔