ڳاڙهي روشني رت ۾ شگر جو مقدار گھٽائي سگھي ٿي: تحقيق

لنڊن : هڪ نئين تحقيق ۾ بڌايو ويو آهي ته انساني جسم تي ڳاڙهي روشني پوڻ رت ۾ شگر جي سطح گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو. يونيورسٽي آف لنڊن ۾ ڪيل تحقيق جي نتيجن موجب روشني جي مخصوص ريفڪوئنسي جو 15 منٽن تائين ڏيکارڻ سان گلوڪوز جي کپت کان پوءِ رت ۾ شگر جي سطح 27.7 سيڪڙو گھٽ ڏٺي وئي. ان سان گڏ ائين ڪرڻ سان گلوڪوز جو مقدار فوري وڌڻ ۾ 7.5 سيڪڙو گھٽتائي ٿي. ماهرن جو چوڻ هو ته هنن جي نحقيق انساني صحت بابت ڊگھي مدي وارن اهم نتيجن ڏانهن اشارو ڪري ٿي جنهن ۾ نيري روشني جي جٽادار انڪشاف جا بلڊ شگر تي پوندڙ ناڪاري اثر شامل آهن.جديد زندگي ۾ ايل اي ڊي روشني جي نمايان حيثيت آهي ۽ اهو اسپيڪٽرم ۾ نيري روشني وڌيڪ ۽ ڳاڙهي گھٽ خارج ٿيندي آهي. ان بابت ليکڪ جو چوڻ هو ته ائين ٿيڻ امڪاني طور تي صحت لاءِ ”ٽائيم بم“ ثابت ٿي سگھي ٿو. سائنسدانن موجب نيري روشني پوڻ سان رت ۾ شگر جي سطح متاثر ٿيندي آهي جيڪا ڊگھي مدي لاءِ شگر ۽ صحت جي ٻين مسئلن جو سبب ٿي سگھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان مسئلي سان سج جي روشني ۾ گھڻو وقت گذاري منهن ڏئي سگھجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔