ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هٿياربندن هٿان 45 ورهين جو عبدالمجيد مارجي ويو پوليس موجب مقتول جيل مان قيد ڪاٽي آيو هو، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، پراڻي سبزي منڊي وٽ 45 ورهين جي شخص جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، سڃاڻپ نه ٿي سگهي پوليس جو چوڻ آهي ته ايف بي ايريا، شفيق ڪالوني ۾ هٿياربندن 40 ورهين جي شبير پٽ قاسم کي قتل ڪري ڇڏيو، ناظم آباد گول مارڪيٽ ۾ فائرنگ سبب 75 ورهين جو اقبال پٽ اسماعيل مارجي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔