بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري، ڪراچي ۾ به ٿڌ وڌي وئي 

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ زوردار ٿڌڙين هوائن کان پوءِ موسم سرد ٿي وئي ۽ گذري ويل ٿڌ هڪ ڀيرو وري موٽي آئي..

قلعه عبدالله، ٽوبه اچڪزئي، توبه ڪاڪڙي، زيارت، خانوزئي، ڪان مهترزئي ۽ مسلم باغ ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي. برفباري سبب ڪيترائي روڊ بند ٿي ويا آهن.

برفباري کان پوءِ ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پڻ پئي جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سوئي گيس جو پريشر نه هجڻ سبب رهواسين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.

قلات، سبي، مستونگ، نوڪنڊي، تفتان ۾ به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن جي ڪري ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي. هوڏانهن اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ٽانڪ، هنگو، اورڪزئي، لکي مروت ۾ ڪٿي برسات ته ڪٿي برفباري سبب موسم ٿڌو ٿي ويو آهي.

ديامر ۽ چلاس ۾ برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهڻ سبب ڪيترائي روڊ بند ٿي ويا آهن. موسميات کاتي موجب اڄ مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. جڏهن ته راولپنڊي، جهلم، چڪوال، سرگودها، ميانوالي، گجرات، بهاوالپور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اميد ڏيکاري وئي آهي. ڪراچي ۾ موسم تبديل ٿي وڃڻ سبب تيز هوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔