بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ٺهندو،نئين پروگرام لاءِ حدف طئي

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان قرض جي نئين پروگرام لاءِ اهم هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان نئون پروگرام 6 ارب ڊالرن جو هوندو، جنهن جو مدو 3 سال هوندو.ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جا عملدار نئين پروگرام لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن.ذريعن موجب ايف بي آر ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي ٽيڪس کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف ڏيندو.مرڪزي بئنڪ جو مقصد ھوندو ته 3 مھينن جي درآمدي بلن جي برابر پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا برقرار رکن،جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ ۽ پرائمري بيلنس سرپلس رکڻ جو هدف به مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سبسڊي جو تعين به نئين قرض پروگرام جي شرطن مطابق ڪيو ويندو ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ٺاهي ويندي. نگران حڪومت نئين حڪومت لاءِ اقتصادي روڊ ميپ ۽ ورڪنگ لون پروگرام تيار ڪري ورتو آهي.موجوده قرض پروگرام جي پڄاڻيءَ سان آءِ ايم ايف سان قرض جو نئون معاهدو ڪيو ويندو. قرض جي معاهدي کان اڳ آءِ ايم ايف کي شرطن تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔