انڊونيشيا طوفان جاوا ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 33 ڄڻا زخمي

جڪارتا :انڊونيشيا ۾ هڪ طاقتور طوفان اولهه جاوا ۾ تباهي مچائي ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا موجب جاوا جي اولهه واري علائقي سومي ڊنگ ۾ زوردار طوفان اچي ويو جنهن فوري طور تي هر شيءِ کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب طاقتور طوفان 116 گهرن کي نقصان پهچايو ۽ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته انڊونيشيا ۾ اچڻ واري ان طوفان جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ گهرن جي ڇت کي اڏامندي ڏٺو وڃي ٿو، ان سان گڏ هوا وڻ به ڪري ڇڏيا آهن.ماهرن موجب طوفان دوران 65 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون هلي رهيون هيون. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته طوفان سبب انڊونيشيا ۾ رڪارڊ ڪيل هي تيز ترين هوائن جي رفتار هئي ۽ هوائن جي طوفان کي ’طوفان‘ قرار ڏنو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔