اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن تان اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ٽڪن اين اي 46، 47  ۽ 48 تان اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيا آهن.

اسلام آباد جي تڪ اين اي 46، 47 ۽ 48 جي چونڊ عزرداري بابت درخواستن تي هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر حڪم جاري ڪيا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پڻ معطل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي اين اي 47 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

چونڊن ۾ طارق فضل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 47 تان اميدوار هو ۽ ان جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار شعيب شاهين هو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي انجم عقيل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪيو ويو آهي اهو چونڊن ۾ قومي اسميبلي جي تڪ اين اي 46 تان اميدوار هو.

اهڙي طرح اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 48 تان راجا خرم نواز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو. ان جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار سيد محمد علي بخاري هو. ياد رهي ته اين اي 46، 47 ۽ 48 جو آر او جو فيصلو تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن عامر مغل، علي بخاري ۽ شعيب شاهين چيلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔