پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور ۽ فيصل جاويد جي ضمانت منظور ڪري ورتي

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ  خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سينيٽر فيصل جاويد جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ابراهيم خان علي امين گنڊاپور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اهو ته پورو ڪيس آهي، علي امين گنڊاپور ڪٿي هو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اسان کي ڪيس جي باري ۾ خبر نه هئي

جنهن کان پوءِ عدالت علي امين گنڊاپور جي ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد ڊگهي عرصي کان پوءِ منظر عام تي اچي ويو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ سينيٽر فيصل جاويد جي راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت فيصل جاويد کي به هڪ لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔