پ پ قيادت مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سيد مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سنڌ ۾ سيد مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير  بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙي فيصلي کان پوءِ مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻجي ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت هلندڙ هفتي ئي سنڌ جي وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه جي نالي جو اعلان ڪندي. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير لاءِ فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه جا نالا به غور هيٺ آهن.

ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت پاران سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔