اڄ جي دور ۾ شادي ڪريان ها ته تقريبون نه ڪيا ها:منيب بٽ

ڪراچي: اداڪار منيب بٽ پنهنجي شادي تي تمام گهڻو خرچ ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڄ منهنجي شادي هجي ها ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ايتريون تقريبون ڪڏهن به نه منعقد ڪريان ها. منيب بٽ تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان ناديه خان منيب بٽ کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان وقت تي واپس وڃي سگهو ٿا ۽ پنهنجي زندگي ۾ ڪي ٻه واقعا تبديل ڪري سگهو ٿا ته اهي ٻه واقعا ڪهڙا هوندا؟ سوال جي جواب ۾ منيب بٽ چيو ته 2006 ۾ هڪ واقعو ٿيو هو جڏهن مون ميٽرڪ کان انٽر لاءِ پري انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي هئي، هاڻي ان داخلا کي ڪامرس ۾ تبديل ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔