روهت شرما پاران ٺاهيل 5 سينچرين جو رڪارڊ ميڪسويل هٿان برابر

ميلبورين: آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل ٽي 20 ۾ 5 سينچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو.ميڪسويل ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ 55 بالن تي ناٽ آئوٽ 120 رنسون ٺاهيون.آسٽريلوي رانديگر ڀارت جي روهت شرما جي 5 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سينچرين جو رڪارڊ به برابر ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته ٻئين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي 34 رنسن تان شڪست ڏني هئي.آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 242 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو پر ويسٽ انڊيز جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔