جمهوري حڪومت چونڊڻ جي حق جي حمايت ڪريون ٿا، مائيڪل ميڪل

واشنگٽن:آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين مائيڪل ميڪل چيو آهي ته آمريڪا پاڪستاني عوام جي جمهوري حڪومت جي چونڊ جي حق جي حمايت ڪري ٿو.هڪ بيان ۾ مائيڪل ميڪل چيو ته هو پاڪستان جي عوام کي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.هن چيو ته ڪنهن به جمهوريت ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون بنيادي اهميت رکن ٿيون، چونڊن ۾ ڪرپشن يا ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.مائيڪل ميڪل جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن يا فراڊ جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت جيڪا قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جو احترام ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔