20 چوڪا 8 ڇڪا! نسانڪا ڊبل سينچري ڪندڙ سريلنڪن بيٽر

پاٿم :سريلنڪن اوپننگ بيٽسمين پاٿم نسانڪا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون سريلنڪن بيٽسمين بڻجي ويو.پاٿم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو 12 هون بيٽسمين بڻجي ويو.پيلي ڪلي ۾ افغانستان خلاف پهرئين ون ڊي ميچ ۾ پاٿام نسانڪا 139 بالن تي 210 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.26 سالن جي سريلنڪن اوپنر پنهنجي 50 هين ون ڊي دوران 8 ڇڪا ۽ 20 چوڪا هنيا ۽ ڊگ آئوٽ تي ناٽ آئوٽ موٽيو.پاٿم نسانڪا جي شاندار اننگز جي بدولت سريلنڪا افغانستان خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 381 رنسون ٺاهي حریف ٽيم کي 382 رنسن جو هدف ڏنو.ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا افغانستان کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔