غزه ۾ اسرائيل جا حملا جاري،وڌيڪ 107 فلسطيني شهيد

غزه : غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 107 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي اسنائپرز خان يونس ۾ فائرنگ ڪري 21 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صهيوني جهازن جي رفح تي بمباري جي نتيجي ۾ 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو ڪل انگ 27 هزار 947 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 67 هزار 459 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.ٻئي طرف آمريڪا غزه تي اسرائيلي حملن کي حد کان وڌيڪ قرار ڏئي ڇڏيو.آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم رفح پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملي لاءِ فوج کان پلان طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔