عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي کي سامان جي ورهاست شروع

اسلام آباد: فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي کي چونڊ سامان جي ورهاست جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

ملتان ۾ قومي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 12 تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن  کي سامان جي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي. پولنگ سامان فراهم ڪرڻ جي لاءِ 3 سينٽرز ٺاهيا ويا آهن.

اين اي 148، اين اي 149، اين اي 150 ۽ اين اي 151 جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي سامان ملتان پبلڪ اسڪول مان فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته اين اي 152 جي لاءِ شجاع آباد ۽ اين اي 153 جي لاءِ جلال پور پيروالا ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر چيو آهي ته پولنگ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن کي فراهم ڪيو پيو وڃي. پولنگ سامان پوليس جي سيڪيورٽي ۾ پولنگ اسٽيشن تائين پهچايو پيو وڃي. پولنگ سامان جي ورهاست شام 6 وڳي تائين مڪمل ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔