پي ٽي آءِ 5 فيبروري تي ٿيندڙ انٽرا پارٽي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي آهي.تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو هو، جنهن موجب چونڊون سومر 5 فيبروري تي ٿيڻيون هيون، پر هاڻي پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن جي تصديق چيئرمين بئريسٽر گوهر به ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون پي ٽي آءِ جي باني جي هدايت تي ملتوي ڪيون ويون آهن، انٽرا پارٽي چونڊون اميدوارن ۽ ووٽرن کي عام چونڊن کان هٽائي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔