عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ خاور مانيڪا وچ ۾ جهيڙو

اسلام آباد:اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران ۽ بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

عمران خان جج قدرت الله کي چيو ته مان ۽ بشريٰ قرآن تي حلف ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، خاور مانيڪا کان به حلف وٺو، مون بشريٰ کي نڪاح واري ڏينهن ڏٺو، قرآن کڻڻ لاءِ تيار آهيان.

خاور مانيڪا عمران کي جواب ڏيندي چيو ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، خدا جو خوف ڪريو، توهان منهنجو گهر برباد ڪري ڇڏيو، عمران قرآن تي حلف کڻڻ جو ضد ڪيو.

جنهن تي عدالت عمران کي چيو ته حلف کڻڻ بعد اوهان جو جرح جو حق ختم ٿي ويندو، جنهن بعد عمران حلف کڻڻ تان ڦري ويو، عمران چيو ته اسان حلف به کڻنداسين ۽ جرح به ڪنداسين.

ٻڌڻي سڀاڻي صبح 9 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔