(ن) ليگ ۾ هئس ۽ رهندس، پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن ۾ ضرور شرڪت ڪندس: جاويد هاشمي

ملتان:مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته مان مسلم ليگ ۾ هئس ۽ رهندس. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ورڪرز ڪنوينشن جون تياريون جاويد هاشمي جي گهر جاري آهن.

ان حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي جاويد هاشمي چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ناٺي جي گهر تي ڇاپو هڻي ڇا ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا. تحريڪ انصاف جو ڪنوينشن منهنجي ناٺي زاهد بهار کي منعقد ڪرائڻو هو. اهو پي ٽي آءِ جي صوبائي اسيمبلي جو اميدوار آهي

جاويد هاشمي چيو ته مان مسلم ليگ ۾ هئس ۽ رهندس. ڇاپي کان اڳ شايد پي ٽي آءِ ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت نه ڪريان ها پر هاڻ ضرور ويندس. تحريڪ انصاف هاڻ ان ڳالهه تي اچي وئي آهي جنهن جو مان هميشه چوندو رهيو آهيان.ياد رهي ته ملتان ۾ جاويد هاشمي جي رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي ورڪر ڪنوينشن دوران پوليس ڇاپو هڻي پي ٽي آءِ جي اميدوار کي گرفتار ڪيو هو.ان حوالي سان جاويد هاشمي چيو آهي ته ملتان جي علائقي مخدوم رشيد ۾ منهنجي رهائشگاهه تي پوليس ڇاپو هڻي پي ٽي آءِ اميدوار زاهد بهار هاشمي ۽ ان جي گهر  جي ملازم کي گرفتار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔