ڪراچي ۾ ٽي ٽي پي جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب، ڪمانڊر سميت 17 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي:سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب ڪندي ڪمانڊر سميت 17 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد 2007 کان 2014 تائين ٽي ٽي پي نيٽ ورڪ جو حصو هو ۽ سنگين ڏوهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو

ذريعن موجب دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا. جن کي انٽيلجنس ايجنسيز ڪارروائي ڪندي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو. دهشتگردن کي افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت جي سرپرستي لاءِ منظم ڪيو ويو هو. دهشتگرد سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ اين جي اوز تي حملن ۾ ملوث هئا. ان کان علاوه ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي به حملن ۾ ملوث هئا.

نيٽ ورڪ ڀته خوري ۽ اغوا براءِ تاوان ذريعي فنڊ گڏ ڪندو هو. انهي نيٽ ورڪ مدرسي ۾ آپگهاتي بمبارن کي به پناهه ڏني هئي جن کي دهشتگردي جي مختلف سرگرمين ۾ استعمال ٿيڻو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔