سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊه جو مقصد افراتفري ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير سيد چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪوبه سودو نه ڪندو . جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ” پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس “ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن سان مخاطب ٿيندي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽تمدن هر لحاظ کان هندن کان مختلف آهي نه ڪي اسان کي مغربي تهذيب ۽ تمدن کي اپنائڻ گهرجي . آرمي چيف جو چوڻ هو ته نوجوانن کي پنهنجي وطن ، قوم، ثقافت ۽ تهذيب تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن ، اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن ،اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير جا امين آهن .

سندس چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف ته پاڪستان جي فوج وڙهي سگهي ٿي  پر دهشتگردن خلاف پوري قوم جو سهڪار ضروري آهي .سوشل ميڊيا جي خبرن جي تحقيق نهايت ضروري آهي . سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊه جو مقصد بي يقيني، افراتفري ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي .

آرمي چيف زور ڏنو ته تحقيق ۽ مثبت سوچ کان بغير معاشرو افراتفري جو شڪار رهندو آهي .هن چيو ته مسلمان مشڪل  ۾ صبر ۽ آساني ۾ الله جو شڪر ادا ڪندو آهي . اسان جي فوج هر قسم جي خطرن ۽ سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر دم تيار آهي .پاڪستان آهي ته اسان آهيون پاڪستان کان سواءِ اسان ڪجهه به ناهيون . هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خود مختياري تي ڪوبه سودو نه ڪندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔