بلاول تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪري، هُن کي جواب نه ڏيڻ پارٽي پاليسي آهي:نواز ليگ ترجمان

نواز ليگ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تهذيب ۾ رهندي گفتگو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي

 ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي گفتگو تي افسوس آهي، هو اسان سان پرڏيهي وزير رهيو، هن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي

هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلاول نئون نئون پنجاب آيو آهي، هن پنجاب ۾ ن ليگ جا پروجيڪٽ ناهن ڏٺا،ن ليگ جو مقابلو اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙن سان آهي

هن چيو ته اسان جو مقابلو مهانگائي سان آهي، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي عوام کي رليف فراهم ڪندو، بلاول ڀٽو کي گهرجي ته هو تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪري،ڇا بلاول پي ٽي آءِ باني جيان گارگند واري سياست کي هٿي ڏيڻ گهري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔