ٿاڻو خوبصورت آهي: گهوٽ شادي جي پهرين ڏينهن ڪنوار کي وٺي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ٿاڻي پهچي ويو

مظفر ڳڙهه: شادي جي پهرين ئي ڏينهن گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي وٺي ٿاڻي پهچي ويو.

مظفر ڳڙهه جي سٽي ٿاڻي جي خوبصورتي جي ڪري شهرت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ گهوٽ پنهنجي نئين ڪنوار کي شادي جي پهرين ئي ڏينهن فوٽو شوٽ جي لاءِ وٺي ٿاڻي پهچي ويو.

نئين شادي شده جوڙي پنهنجي نئين زندگي جي سفر جي شروعات منفرد انداز سان ڪندي ٿاڻي ۾ تصويرون ٺهرايون. ان حوالي سان گهوٽ عبدالصمد چيو ته سٽي ٿاڻي جي عمارت هاڻ شهر جي خوبصورت عمارت بڻجي چڪي آهي جتي مان ۽ منهنجي  ڪنوار پنهنجي خوبصورت لمحن کي تصويرن ۾ قيد ڪيو.

گهوٽ چيو ته مان ٿاڻي ۾ فوٽو شوٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي پوليس جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. فوٽو ڪڍرائڻ دوران پرامن ۽ محفوظ ماحول ڏيڻ تي به سندن ٿورو ادا ڪريان ٿو. ٿاڻا اهڙا بڻجي ويندا مون ڪڏهن زندگي ۾ نه سوچيو هو. مون سڀني کان پهريان سوشل ميديا تي انهي ٿاڻي جي نئين عمارت کي ڏٺو هو جنهن کان پوءِ مون هتي فوٽو ڪڍرائڻ جو فيصلو ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔