ايران سان ڇڪتاڻ: پاڪستان اڏامن جي سخت مانيٽرنگ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي: ايران سان جاري ڇڪتاڻ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان اڏامن جي سخت مانيٽرنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب پاڪ ايران ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪستان ايران سميت  يورپي ملڪن مان ايندڙ اڏامن جي سخت نگراني شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾  مغربي سرحدن تي فضا ۾ ٿيندڙ هر سرگرمي کي سختي سان مانيٽر ڪيو پيو وڃي.

تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورين اڏامن بابت الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي(سي اي اي) کي مغرب مان پاڪستان جي حدن ۾ ايندڙ سمورين اڏامن جي سخت مانيٽرنگ جي هدايت ملي وئي آهي.

ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي ايران سميت سمورين مغربي اڏامن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. ان کان پهرين مغرب جي طرف کان پاڪستان ايندڙ اڏامن جي اهڙي سخت مانيٽرنگ ڪڏهن به نه ٿي آهي.اڃان تائين پاڪستان ۽ ايران جون فضائي حدون ڪمرشل اڏامن جي لاءِ کليل آهن. ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول(اي ٽي سي) کي اڃان تائين ايران جي لاءِ فضائي حدن جي بندش بابت ڪابه هدايت نه ملي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪمرشل اڏامن جي بندش جي اڃان تائين ڪابه هدايت نه ملي سگهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔