پاڪستان جو ايران ۾ جوابي آپريشن،ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

تهران: پاڪستان ايران جي ميزائيل حملي جو جواب ڏيندي ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو. انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن مرگ برسرمچار دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪنهن به شهري يا ايراني ٺڪاڻن کي نشانو ناهي بنايو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان بلوچ عليحدگي پسندن جي موجودگي ۽ سرگرمين جي پڪين شاهدين سان گڏ ڊوزيٽرز به ايران سان شيئر ڪيا. اسان جي سنجيده خدشن تي عمل نه ٿيڻ سبب نام نهاد سرمچار بي گناهه پاڪستانين جو رت وهائيندا رهيا. اڄ صبح جو دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي انٽيليجنس جي روشني ۾ ڪئي وئي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪارروائي سمورن خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي غير منزلزل عزم جي عڪاسي آهي. انتهائي پيچيده آپريشن مرگ برسرمچار پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشه وارانه مهارت جو ثبوت آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ ضروري قدم کڻندو رهندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. عالمي برادري جي ذميوار ميمبر جي طور تي پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي اصولن جي پابندي ڪري ٿو جنهن ۾ ميمبر ملڪن جي علاقائي سالميت ۽ خودمختياري شامل آهي.

ترجمان چيو ته اهڙن اصولن جي رهنمائي ۾ پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا حالات ۾ چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستاني عوام ايراني عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو. اسان هميشه دهشتگردي جي لعنت سميت گڏيل چيلينجن کي منهن ڏيڻ جي  لاءِ ڳالهين ۽ تعاون تي زور ڏنو آهي. اسان گڏيل حل ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.

ياد رهي ته ايران هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان جي سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي ميزائل حملو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا هئا. آمريڪي پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ ايران جي حملي جي مذمت ڪندي چيو هو ته ايران پنهنجي ٽن پاڙيسري ملڪن کي نشانو بنائي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔