چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي سان جعلي واٽس ايپ اڪائونٽ جو انڪشاف

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي سان جعلي واٽس ايپ اڪائونٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب جعلي اڪائونٽ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو ۽ تصوير استعمال ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو ته عوام جعلي پيغامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا کان هوشيار رهي، عوام چيف اليڪشن ڪمشنر سان منسوب جعلي واٽس ايپ اڪائونٽن ۽ پروپئگنڊا کي نظرانداز ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔