پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط وصول

اسلام آباد : پاڪستان کي آءِ ايم ايف طرفان 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط وصول ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ گذريل هفتي اقتصادي جائزي جي منظوري سان گڏ اسٽاف سطح تي معاهدي ۽ ايندڙ قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام تحت هيل تائين 1.9 ارب ڊالرن جي قسط وصول ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايندڙ اقتصادي جائزو ڪاميابي سان پورو ٿيڻ جي صورت ۾ آخري اقتصادي جائزي کانپوءِ پاڪستان کي وڌيڪ 1.1 ارب ڊالر ملندا، جنهن لاءِ ايندڙ مهيني ڳالهيون ٿيڻيون آهن.
ايندڙ عام چونڊن سبب ڳالهين جون شيڊيول تبديل ٿي سگهي ٿو، پروگرام تحت قرض جي آخري قسط اپريل ۾ وصول ٿيڻي آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو گذريل سال 15 نومبر تي طئي ٿيو هو، پاڪستان 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت 1.2 ارب ڊالر اڳ ئي حاصل ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔