شاهه محمود قريشي. فواد چوڌري، پرويز الاهي، صنم جاويد ۽ حبا فواد چونڊن لاءِ نااهل قرار

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم ۾  شاهه محمود قريشي فواد چوڌري، حبا فواد، خرم لطيف کوسه، چوڌري  پرويز الاهي ۽ صنم جاويد کي به چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلن کي برقرار رکيو. پشاور هاءِ ڪورٽ شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏنا. جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ذوالفي بخاري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اين اي 130 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي نامزدگي ڪاغذن تي ايپليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي عدالت سڳوري مسلم ليگ(ن) جي بلال ياسين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ئي 3 رڪني بينچ زلفي بخاري کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔