ناڻي واري وزارت پي ايس او کي 30 ارب جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت هلندڙ هفتي دوران پي ايس او کي 30 ارب جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ناڻي واري وزرت جي ذريعن موجب پي ايس او کي ادائيگين لاءِ ايس اين جي پي ايل کي 5 ارب روپيه جاري ڪيا ويا آهن.

ناڻي  واي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته گهريلو صارفين ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ملندڙ سبسڊي جي مد ۾ باقي 25 ارب روپيه به هلندڙ هفتي ئي جاري ڪيا ويندا.

ذريعن موجب ايس اين جي پي ايل 30 ارب روپين جي رقم ملندي ئي پي ايس او کي فوري ادا ڪندي. گهريلو صارفين ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ملندڙ سبسڊي بجيٽ ايلوڪيشن ۾ شامل آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گردشي قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ 2 پاور پلانٽس پي ايس او کي ڏيڻ لاءِ وفاقي ڪابينه ايندڙ هفتي فيصلو ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔