آسٽريليا کان پوءِ نيوزيلينڊ به پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڊنيڊن: آسٽريليا کان پوءِ نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز ۾ به پاڪستان کي بدترين شڪسست کي منهن ڏيڻو پيو. نيوزيلينڊ لاڳيتو ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

نيوزيلينڊ جي شهر ڊنيڊن ۾ جاري پنج ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنسون اسڪور ڪيون

نيوزيلينڊ طرفان اوپننگ ڪندڙ بيٽسمين بيٽرفن ايلن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 62 بالن تي 16 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 137 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٽم سيفرٽ 31 ۽ گلين فلپس 19 رنسن سان نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان حارث رئوف پنهنجي چئن اوورز ۾ 60 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ڪپتان شاهين آفريدي زمان خان، محمد نواز ۽ محمد وسيم 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

225 رنسن جي حدف  جي تعاقب ۾ قومي ٽيم 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 179 رنسون ٺاهي سگهيا.

بابر اعظم 58 رنسون ٺاهي نمايون رهيو. ان کان علاوه محمد رضوان 24، صائم ايوب 10، فخرالزمان 19، اعظم خان 10، افتخار احمد 1 ۽ محمد نواز 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 16 ۽ وسيم جونيئر هڪ رنس ٺاهي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔