اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي ٺهراءَ جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار

اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي ٺهراءَ جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار، 8 فئبروري تي چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ جي منظور ڪيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط موڪلي ڇڏيو

 خط ۾ چيو ويو آهي ته ٺهراءَ جو جائزو ورتو ويو، اليڪشن ڪميشن صدر مملڪت جي مشاورت سان 8 فئبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو

خط ۾ چيو ويو ته هن وقت عام چونڊون ملتوي  نه ٿيون ڪري سگهجن، 5 جنوري تي سينيٽر دلاور خان سڀ کان پهرين عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو

 ان ٺهراءَ  جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا، اليڪشن جو شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ گذريل ڏينهن هڪ ٻيو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، جيڪو فاٽا سان تعلق  رکندڙ آزاد سينيٽر هلال  الرحمان جمع ڪرايو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔