ڊالر جو اگهه وڌيڪ ڪِري پيو ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار

ڪراچي: رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ،ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي آهي .

سومر ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 36 پئسن جي گهٽتائي ٿي وئي جنهن کانپوءِ انٽر بينڪ ۾ ڊالر 280 رپين جو ٿي ويو .

ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي . پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ 428 پوائنٽس جو اضافو ٿيو . انڊيڪس 65 هزار 65 پوائنٽس تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔