سڊني ٽيسٽ: آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

سڊني: پاڪستان آسٽريليا کي سڊني ٽيسٽ کٽڻ جي لاءِ 130 رنسن جو حدف ڏنو جيڪو آسٽريليا ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

سڊني ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان جي سموري ٽيم 115 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. صائم ايوب 33، بابر اعظم 23، محمد رضوان 28 ۽ عامر جمال 18 رنسون ٺاهي  نمايان رهيا

پاڪستان جا ٻيا رانديگر ڪابه نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا جنهن سبب پاڪستان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

ٻئي اننگز ۾ آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ ٻُڙي تي ڪري پئي، عثمان خواجه کي ساجد خان آئوٽ ڪيو، ماني جي وقفي تائين آسٽريليا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 91 رنسون ٺاهيون هيون.

جنهن کان پوءِ ٻئي وڪيٽ ڊيوڊ وارنر جي ڪري هن 57 رنسون ٺاهيون ۽ ساجد خان جو شڪار ٿيو. اسٽيون اسمٿ 4 رنسون ۽ مارنس لبوشين 55 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.

آسٽريليا  چوٿين ڏينهن پاڪستان کي ڏنل 130 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 25.5 اوورز ۾ پورو ڪري ورتو. عامر جمال خان کي مين آف دي ميچ جڏهن ته پيٽ ڪمنز کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

ياد رهي ته آسٽريليا پاڪستان کي ميلبرن ٽيسٽ ۾ 79 رنسن تان جڏهن ته پرٿ ٽيسٽ ۾ 360 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني هئي. آسٽريليا پاڪستان کي سڊني ۾ اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيست ميچز جي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي آهي. اهڙي طرح هن ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم کي وائٽ واش کي منهن ڏيڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔