اسد قيصر، تيمور جهگڙا سميت ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد: اليڪشن ٽربيونلز پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ تيمور جهگڙا سميت ڪيترن ئي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.

هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونلز ۾ ريٽرننگ آفيسرز طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اميدوارن جي اپيلن تي ٻڌڻي جاري آهي. اپيلن جي فيصلن ۾ 4 ڏينهن اڃان باقي آهن 10 جنوري تي سمورا فيصلا ٻڌايا ويندا.

راولپنڊي ۾ اليڪشن ٽربيونل تڪ پي پي 23 چڪوال تان فوزيه بهرام جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي ريٽرننگ آفيسر جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا ۽ کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پشاور ۾ اليڪشن ٽربيونلز پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻي ايم اين اي شير علي ارباب جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.

اليڪشن  ٽربيونل اين اي 36 هنگو تان پي ٽي آءِ هنگو جي صدر يوسف خان جي اپيل به منظور ڪري ورتي. راولپنڊي ۾ اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه جسٽس مرزا وقاص رئوف تحريڪ انصاف جي سمورن اميدوارن اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي، ميجر طاهر صادق، سندس گهر واري ناز صادق، پي پي 15 تان اڳوڻي قانون واري وزير راجا بشارت، ڪرنل اجمل صابر، مرتضيٰ ستي، طارق مرتضيٰ، سيمابيه طاهر، اڳوڻي وزير راجا راشد حفيظ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري کين چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هوڏانهن سنڌ ۾  اليڪشن ٽربيونل تڪ اين اي 243 تان پي ٽي آءِ جي سبحان ساحل، تڪ اين اي 242 تان امجد آفريدي، پي ايس 113 جي حسنين چوهاڻ، هالا مان مخدوم فضل جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.

ٽربيونل پيپلز پارٽي جي اميدوار رئوف احمد ۽ آزاد اميدوار تڪ پي ايس 126 تان رفيعه حسن، آزاد اميدوار جمال الدين ۽ ديدار علي، اين اي 237 تان فضا ذيشان جون ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔