موديءَ جو سعودي ولي عهد سان رابطو

نئين دهلي : ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان فون تي رابطو ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب رابطي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ انهن کي ترقي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ عالمي واقعن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔