بنگالي ڪيويز تي حاوي، پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبانن کي شڪست

نيپيئر :بنگلاديش پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيپيئر ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ بنگلاديش هدف 18.4 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، اوپنر لٽن داس 42 رنسن جا ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
بنگلاديش 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔