شاهه محمود قريشي سائيفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

شاهه محمود قريشي سائيفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار، راولپنڊي پوليس شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان گرفتار ڪري ورتو

 شاهه محمود قريشي پاران گرفتاري دوران سخت مزاحمت ڪئي وئي، شاهه محمو د قريشي کي زبردستي گرفتار ڪري گاڏي ۾ ويهاريو ويو

شاهه محمود قريشي سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي ڪاپي ڏيکاريندي چيو ته عدالت مون کي سائيفر ڪيس ۾ آزاد ڪري چڪي آهي، سياسي انتقام طور هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو مذاق اڏايو پيو وڃي

 راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ نامزد آهي، ڊي سي راولپنڊي گذريل ڏينهن ٿري ايم پي او تحت شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔