غزه تي اسرائيل جا حملا جاري، ٻن ڏينهن دوران 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي فوج  جو غزه شهر تي بمباري جو سلسلو جاري آهي جتي 400 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطين جي صحت واري وزارت ٻڌايو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 400 فلسطيني شهيد ۽ 734 زخمي ٿيا آهن.  جڏهن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جنگ روڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج پناهگيرن جي ڪيمپ، رفح، خان يونس ۽ نصيرت ۾ لاڳيتو بمباري ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيل غزه جي ڏاکڻي علائقي تي 2 هزار پائونڊ وزني بم ڪيرايا، اسرائيل فلسطينين کي غزه جي جنهن علائقي مان بي دخل ڪيو اتي به ڄاڻي واڻي بم ڪيرايا ويا.

ٻئي پاسي فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس طرفان به جوابي ڪارروائي جاري آهي ۽ جنگ ۾ هينئر تائين 4772 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جن مان 139 اسرائيلي فوجي زميني ڪارروائي ۾ دوران مارجي ويا.

ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ کان اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين شهيد فلسطينين جو انگ 21 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي جڏهن ته 53 هزار کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔