پوڙهو ٿي ويو آهيان، هاڻي ڪردار به ان حساب سان ڪرڻ چاهيان ٿو: شاهه رخ خان

ڪراچي : فلمن ۾ نوجوان رومانوي ۽ ايڪشن هيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ شاهه رخ خان چيو آهي ته هو 58 سالن جو ٿي ويو آهي، هاڻي هو عمر جي حساب سان ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

شاهه رخ خان 2023ع ۾ ٽي فلمون رليز ڪيون، جن ۾ پٺاڻ، جوان ۽ ڊنڪي شامل آهن ۽ ٽنهي فلمن ۾ هن نوجوان جو ڪردار ادا ڪيو.

ڊنڪي ۾ کيس وچين عمر جي ماڻهوءَ جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو ۽ سندس ڪردار کي پسند ڪيو ويو.

ڊنڪي جي رليز جي موقعي تي شاهه رخ خان ڪو اسٽار تاپسي پنو ۽ فلم جي ڊائريڪٽر راجڪمار هراني سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو پنهنجي عمر ۽ فلمن ۾ ڪردار بابت به بحث ڪندو نظر آيو.

وڊيو ۾ شاهه رخ خان اعتراف ڪيو ته هو هاڻي اهڙي عمر ۾ پهچي ويو آهي جتي کيس ننڍي هيرو طور ڏسڻ پسند ناهي.

هن چيو ته سندس عمر 58 سال آهي ۽ هاڻي هو پنهنجي عمر جي حساب سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڊنڪي ۾ هن کي ٿوري وڏي عمر وارو شخص به ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته سندس ٻه اڳ رليز ٿيل فلمون پٺاڻ ۽ جوان ۾ کيس نوجوان جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڊنڪي جي وچولي عمر جي تصوير فلم کي وڌيڪ حقيقي نظر اچي ٿي ۽ هاڻي هو مستقبل ۾ پنهنجي عمر جي بنياد تي فلمون ڪرڻ چاهي ٿو.

شاهه رخ خان اهو به چيو ته ايتري وڏي عمر ۾ تاپسي پنو سان رومانس سٺو ناهي.

جيتوڻيڪ شاهه رخ خان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هو هاڻي پنهنجي عمر جي مناسبت سان ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر هن اهو واضح ناهي ڪيو ته هو ڪهڙي قسم جا ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔