پاڪستان ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا

ڪراچي: پاڪستان ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري جي سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن سان خريداري جي رجحان ۾ گذريل سال نومبر جي ڀيٽ ۾ 27.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
انگن اکرن موجب گذريل سال نومبر ۾ واهپيدارن ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 85 ارب رپين جي خريداري ڪئي هئي.
پاڪستانين هن سال آڪٽوبر ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 105 رپين جي خريداري ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔