خوبصورت اداڪاره ماهره خان جي 39 هين سالگرهه

ڪراچي :پاڪستاني جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان اڄ پنهنجي 39 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.

ماهرا خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات وي جي طور ڪئي، سندس مشهور ڊرامن ۾ هم سفر ۽ شهر ذات ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن جڏهن ته صدقي تمهاري، بن روئي سميت ڪيتران ئي ڊرامن ۾ پڻ مقبوليت ماڻي.

ڊراما انڊسٽري مان ڀرپور ڪاميابي کان پوءِ ماهرا فلمي دنيا ۾ به قدم رکيو، پهرين جنوري 2016ع ۾ سندس پاڪستاني فلم هو مَن جَهان نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. ماهرا خان بالي ووڊ ۾ به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، هن بالي جي سپر اسٽار شاهه رخ خان سان گڏ فلم رئيس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، اها هندي انڊسٽري ۾ سندس پهرين فلم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔