شيخ مشعل الصباح ڪويت جي نئين امير جو حلف کڻي ورتو

ڪويت سٽي:ڪويت جي نئين امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح پنهنجي منصب جو حلف کڻي ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح اڄ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي منصب جو حلف کڻي ورتو جنهن کان پوءِ هو ڪويت جو 17 هون امير آهي.
اڳوڻي ڪويتي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي کان پوءِ شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي نئون امير مقرر ڪيو ويو هو. هو اڳوڻي ڪويت جي امير شيخ احمد الجابر الصباح جو ستون پٽ آهي. کيس 7 آڪٽوبر 2020 تي ڪويت جو ولي عهد مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔