نادرا مراد سعيد، حماد اظهر سميت 18 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: 9 مئي واقعن ۾ ملوث مراد سعيد ۽ حماد اظهر سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي 18 اڳواڻن جا نادرا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس 9 مئي واقعن ۾ ملوث 18 اشتهارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي نادرا کان درخواست ڪئي هئي جنهن تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي

پوليس اختيارين موجب سمورا جوابدار اي ٽي سي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان سواءِ قانون حق حاصل نٿا ڪري سگهن. جاچ ۾ شامل ٿيڻ تائين جوابدارن جا قومي سڃاڻپ ڪاڊ بلاڪ رهندا.

پوليس ٻڌايو آهي ته 18 اشتهاري جوابدار جن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن انهن ۾ مراد سعيد، اعظم سواتي، حماد اظهر، ميان اسلم اقبال، ڪرامت کوکر، علي امين گنڊاپور، واثق قيوم، مسرت جمشيد چيمه ۽ جمشيد چيمه شامل آهن.

اختيارين موجب زبير نيازي ملڪ نديم عباس، غلام محي الدين ديوان جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته اشتهاري جوابدار سڃاڻپ ڪارڊ جي ذريعي حاصل ٿيندڙ سمورين سهولتن کان محروم رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔