سنڌ حڪومت چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي چيف  سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم سان صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله ملاقات ڪئي جنهن ۾ عام چونڊن ۾ انتظامن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته سنڌ حڪومت طرفان  چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون ڪيون ويون آهن. چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٽرانسپورٽ پلان به تيار ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

ان موقعي تي سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر  شريف الله چيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2024 جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔