تاريخي فتح، پاڪستان وومينز ٽيم پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ کان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي

ڊونيڊن : پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف تاريخي فتح حاصل ڪندي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي.
ڊونيڊن ۾ کيڏيل سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان منيبه علي 35، عاليه رياض 32 ۽ بسمه معروف 21 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي سگهي، فاطمه ثنا 3 ۽ سعديه اقبال 2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان وومينز ٽيم ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ آخري ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔