شادي کان اڳ طبي معائني ۾ منشيات ٽيسٽ شامل ڪرڻ جي تجويز

رياض : سعودي عرب ۾ پارليامينٽ ميمبرز شادي کان اڳ نون جوڙن جي طبي معائني ۾ منشيات جي ٽيسٽ کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ شادي کان اڳ طبي معائني بابت پارليامينٽ ميمبرن شهزادي ڊاڪٽر الجوهرا بنت فهد آل سعود، ڊاڪٽر ايمان الجبرين ۽ ٻين وچ ۾ ڄاڻايل تجويز تي بحث ٿيو.
رپورٽ موجب ان بحث دوران هڪ ميمبر ڊاڪٽر محمد الجربا زور ڏنو ته شادي کان اڳ طبي معائني ۾ مرد يا عورت بابت منشيات جي استعمال جو پتو لڳائڻ ضروري آهي ان لاءِ ان کي به ٽيسٽ جو حصو بڻايو وڃي.
هن پنهنجي تجويز جي حق ۾ قانوني ۽ سماجي دليل پيش ڪيا ۽ چيو ته منشيات جي استعمال سان طلاق جي شرح وڌي رهي آهي ۽ خاندان ٽٽي رهيا آهن. ان ڪري پارليامينٽ جي ذميواري آهي ته اها سماج جي ضرورتن تي نظر رکي ۽ معاشي کي نشي جهڙي خطرناڪ آفت کان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔