ايندڙ ٻڌڻي تائين گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين

 بلوچ شاگردن جي گمشدگي واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيا ته وزيراعظم، گهرو وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو

 اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت آڏو پيش ٿي چيو ته 22 بلوچ شاگردن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، بازياب ڪرايل بلوچ شاگرد پنهنجن گهرن ۾ پهچي ويا آهن، 28 بلوچ شاگرد اڃا به گم آهن اٽارني جنرل عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته نگران وزيراعظم پرڏيهه ۾ هجڻ سبب عدالت آڏو پيش نه ٿي سگهيو آهي، توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سمورن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪنداسين

 جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته سمورا الزام سيڪيورٽي ايجنسين تي آهن، هي اسان جا شهري آهن جن جون مائرون ۽ ڀينرون روئي رهيون آهن، ڪنهن به ايجنسي کي اها ڇوٽ ناهي ته ماڻهن کي سالن تائين کڻي وڃن ۽ پوءِ آبپاره ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي حوالي ڪن

هن چيو ته ڇا ڪنهن مهذب معاشري ۾ ائين ٿيندو آهي، جيڪو به گم ٿيل بازياب ٿئي ٿو ته اهو چوي ٿو ته مان ڪيس جي پيروي ڪرڻ نه ٿو چاهيان، عدالت جي بند ڪمرن ۾ ڪنهن کي نه ٻڌندس، جيڪو چوڻ آهي اوپن ڪورٽ ۾ چئو، اڄ تائين ڪنهن رياستي اداري کي ذميوار قرار ڏئي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي آهي؟

نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ڪيترائي اهڙا ڪيس به آهن جن ۾ ماڻهو سيڪيورٽي فورسز سان وڙهندي مارجي ويا، جسٽس محسن اختر ڪياني گهرو وزير کي چيو ته هي گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيا ته توهان جي خلاف ۽ وزيراعظم جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندس

 ٻن هفتن اندر گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان ملو، پنهنجي ماتحت ادارن کي به گهرائي انهن کان پڇو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔