بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان: صارفين تي 40 ارب جو اضافي بار پوندو

اسلام آباد: بجلي جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن سان صارفين تي 40 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

رپورٽ موجب بجلي جي قيمت ۾ 3 روپيه 53 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. اهو اضافو آڪٽوبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهريو ويو آهي جنهن تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪئي.

فيول پرائس ۽ بقاياجات جي مد ۾ سي پي پي اي جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ جي ايس ٽي سميت بجلي صارفين تي تقريبن 40 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. نيپرا موجب سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي آهي. انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو جاري ڪيو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔