غزه ۾ عارضي جنگبندي جو پنجون ڏينهن: 12 يرغمالين جي بدلي وڌيڪ 30 فلسطيني عورتون ۽ ٻار اسرائيلي قيد مان آزاد

تل ابيب: غزه ۾ جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 30 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي اسرائيلي قيد مان آزاد ڪرڻ جي بدلي ۾ 12 يرغمالين کي ڇڏي ڏنو جن مان 2 ٿائيلينڊ جا شهري آهن.

عرب ميڊيا موجب حماس 10 اسرائيلي ۽ 2 ٿائي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو جنهن جي بدلي ۾ 15 فلسطيني عورتون ۽ اوترا ئي ٻار اسرائيلي قيد مان آزاد ٿي رام الله ۾ پنهنجي گهرن طرف پهچي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا ايف ايف پي سان ڳالهيون ڪندي اختياريون نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جن 10 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو آهي جنهن مان ڪيترائي پرڏيهي اين جي اوز جي لاءِ ڪم ڪندڙ اسرائيلي به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔